شاهه رخ مرزا ترخان

شاهه رخ مرزا، ترخان: شاهه رخ مرزا، سنڌ جي ترخان حڪمران مرزا محمد باقي بيگ جو پٽ هو. سنڌ جي تاريخ ۾ مرزا محمد باقي بيگ جي قهري ظلمن جو مثال نه ٿو ملي. مرزا باقي بيگ، رڳو سنڌ جي عوام تي نه، بلڪ پنهنجي ڀائرن، ڀائيٽين، ناٺين، ڀاڻيجن، ٻين مائٽن ۽ ارغونن تي به ڏاڍا ظلم ڪيا. شاهه رخ مرزا جڏهن جوان ٿيو ته مرزا باقيءَ کيس نصرپور جو حاڪم مقرر ڪيو، جتي سندس مددگار علي شير ڪوڪه هو. مرزا باقيءَ جي ظلمن سبب مظلومن جا هٿ آسمان ڏانهن کڄڻ لڳا ۽ ڦٽيل دليون خدا کي ٻاڏائڻ لڳيون. اتفاق سان اوچتو ئي اوچتو نصرپور ۾ موجود سندس پٽ شاهه رخ مرزا سال 1584ع ۾ مري ويو ۽ جڏهن شاهه رخ جي موت جي خبر مرزا باقيءَ کي ملي ته هو پنهنجي آپي مان نڪري ويو ۽ جيڪو به ٿي اڳيان آيس، تنهن کي ڌڪ پئي هنيائين. پٽ جي موت جي صدمي ۾ هي اهڙو ته اڌ چريو ٿي پيو، جو مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌرائي گھٽين ۽ بازارن ۾ ڊوڙائي خوش ٿيندو رهيو، جڏهن ته محلات ۾ موجود عورتن مان ڪن جا سينا ڪپرائي ڇڏيائين ته ڪن جي سٿڻن ۾ ٻلي جا ٻچا وجهرائي ٻڌرائي ڇڏيائين ۽ ڪيترن ئي جوان ڇوڪرن کي قتل ڪرايائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو